تڳوسر جي ترائي

تڳوسر جي ترائي: عمر ڪوٽ ۾ تڳوسر جي ترائي مشهور ترائي آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ اٺ مهينا پاڻي ٽڪي ٿو. هي ترائي نئين ۽ پراڻي ڇور جي وچ ۾ پٿورو کوکراپار ريلوي لائين جي اتر طرف آهي. هن ترائيءَ جي آسپاس تڳوسر جا پراڻا کنڊر آهن، جيڪي دڙن تي مشتمل آهن ۽ وسڪاري ۾ سڪن ۽ عاج کان سواءِ ٻيون ڪافي شيون لڀن ٿيون. هن ترائي جي ڀرسان وقت جي مشهور درويش عيب فقير سميجي جي درگاهه آهي، جيڪا پڻ هڪ وڏي زيارت گاهه بڻيل آهي. عيب فقير ولد هنڱورو هڪ سيلاني درويش هو. روايت موجب هڪ دفعي سير ڪندي گھمندي ڦرندي تعلقي عمر ڪوٽ جي هڪ مشهور ٺڪرن جي ڳوٺ سڻوهي وٽ اچي نڪتو ۽ اتي رات رهڻ جو ارادو ڪيائين. شام جو جڏهن هو ڪرو کڻي کوهه تي پاڻي وٺڻ ويو، جتي اڳيئي هڪ حسين جميل ڇوڪري پاڻي ڀرڻ آئي اتي بيٺل هڪ مرد ماڻهوءَ پهرين فقير صاحب کي ڪرو پاڻيءَ جو ڀري ڏنو، ڇوڪري انهي حرڪت سبب ڪاوڙجي پئي ۽ فقير صاحب کي برو ڀلو چيائين، فقير صاحب ماٺ ميٺ ۾ پنهنجن ساٿين کي سموري ماجرا ٻڌائي ۽ حڪم ڪيو ته مذڪوره ڇوڪريءَ جو منهنجي لاءِ سڱ گھرو. ساٿين ٺڪرن کان جڏهن هن ڇوڪريءَ جو سڱ گھريو ته ٺڪر تپي باهه ٿي ويا ۽ فقير ۽ ساٿين کي حڪم ڪيو ته صبح جو سج اڀرڻ کان پهرين هيءَ جوءِ ڇڏي وڃو نه ته قتل ڪري ڇڏينداسين، پر فقير ۽ سندس ساٿي ته آرام سان ويٺا رهيا. روايت آهي ته فقير جا ڪرامتي ڪرشما ڏسي اڳتي هلي ٺڪرن پڇتايو ۽ نيٺ فقير صاحب کي سڱ ڏنائون .


لفظ تڳوسر جي ترائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو